بلاول ڀٽو سياست ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: شيخ رشيد

ڪراچي : بلاول ڀٽو سياست ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، آئون اي پي سي کي اي بي سي سمجهان ٿو، اپوزيشن وارن پنجاهه هزار ماڻهو خواب ۾ نه ڏٺا ته جلسن ۾ ڪيئن گڏ ڪندا؟ وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، عمران خان پهاڙ جيان پنهنجي عزم تي قائم آهي ۽ اپوزيشن جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪندو، خبر ناهي ته بلاول ڀٽو مون کان ڇو ڊڄي رهيو آهي، چوي ٿو جتي آئون هوندس، اُتي نه ويهندو، ووٽ کي عزت جي ڳالهه ڪندڙ نواز شريف پهرين پاڻ ڪورٽ کي عزت ڏئي، ضياءُ جي هنجهه ۾ جوان ٿيل نواز شريف پاڪ فوج خلاف ڀارت جو بيانيو پيش ڪيو، نواز شريف فيصلو ڪيو آهي ته رهيل زندگي لنڊن ۾ گذاريندو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته طلال چوڌري منهنجي ليول جو نه آهي، اُن جي مامري کي ڇڏيو، منهنجي ايڏي ليول نه هئي جو اساما بن لادن مون سان ملي، نواز شريف اجمل قصاب جو پتو نيوز ايجنسي کي ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔