پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٻوڏ جو پاڻي جهاڳي ويندڙ ڪنري واسي پوليو ورڪر جي وڊيو وائرل

ڪراچي: ڪنري جي ڳوٺ محمد اسماعيل جنجھي ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪر جسوڌا ڪولھي بيٺل برساتي پاڻي مان گذري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ پھچي وئي. ليڊي ھيلٿ ورڪر جي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل گھرن ۾ وڃي پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ليڊي هيلٿ ورڪر جو چوڻ هو ته برساتي جو ڪيترو به پاڻي بيٺل ھجي پر هو پنھنجو فرض بھتر نموني سر انجام ڏئي ملڪ ۾ پوليو کي شڪست ڏينداسين. ان موقعي تي ڪنري جي ايم ايس ڊاڪٽر مبارڪ درس جو چوڻ هو ته کيس پنهنجي ورڪرن تي فخر آهي جيڪي برساتي پاڻي ۾ توڙي ڏڪاري حالتن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔