سنڌ ۾ بجلي جو بدترين بحران جاري،عوام سخت پريشاني جو شڪار

ڪراچي : سنڌ ۾ بجلي جو بدترين بحران جاري آهي ، ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو طرفان اڻ اعلان لوڊشيڊنگ جو عذاب گهٽ نه ٿيو ، ڪراچي جي لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري، ڪياماڙي ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي ناياب ٿي وئي، 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوشيڊنگ شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، جيڪب آباد، ميرپور خاص، ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ 8 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ سبب ڪاروهنوار متاثر ٿي ويو ، تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿيڻ لڳي شهري گهرن ۾ به سڪون کان محروم ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔