ڪرونا متاثرعورت وٽ هڪ ئي وقت ٽن ٻارڙن جي پيدائش

نئين دهلي: هندستاني رياست اترپرديش ۾ ڪورونا متاثر هڪ عورت چار ٻارن کي جنم ڏنو آهي ، ڊاڪٽرن موجب ، ماءُ ۽ ٽن ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
هندستاني ميڊيا جي رپورٽن مطابق اترپرديش جي گورکھپور جي هڪ عورت جڏهن ويم لاءِ اسپتال پهتي ته ڊاڪٽرن آپريشن ڪرڻ کان پهريان هن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي..
عورت جي ٽيسٽ رپورٽ مثبت هئي ۽ ڊاڪٽرن احتياطي تدابير جي پيروي ڪندي سمورو طريقيڪار انجام ڏنو.
رپورٽ موجب 26 ورهين جي عورت ۽ سندس ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ هو صحت مند آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔