ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان،انساني زندگي بچائيندڙ دوائن سميت کاڌي پيتي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا

اسلام آباد : وفاقي حڪومت عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون، انساني جانيون بچائيندڙ 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو تائين واڌ، کاڄرو تيل، گيهه، کير ۽ ٻارن جي کاڌي جي اگهن ۾ به اضافو، وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ زندگي بچائيندڙ 94 دوائن جي قيمتن ۾ 9 کان 262 سيڪڙو
تائين واڌ، نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن گيهه سميت مختلف شين جي قيمتن ۾اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، يوٽيلٽي اسٽورز پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق کاڄرو تيل جي في ليٽر قيمتن ۾ 17 رپيا، گيهه جي في ڪلو جي قميتن ۾ 4 رپيا، کير جي في ليٽر تي 5 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، کير جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ کير جو في ليٽر 147 کان وڌي 152 رپيا، جڏهن ته ٻارن جي سيري ليڪ ۾ 20 کان 38 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت ڪافي ، ڪپڙا ڌوئڻ واري پائوڊر، ڊي وائيٽنر جي قيمتن ۾ اضافي سبب شيمپو جي قيمتن ۾ به 9 کان 20 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن وفاقي ڪابينا پاران 94 دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي منظوري کانپوءِ صحت وزارت جي ذميوار ذريعن انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته 94 دوائن جي قيمتن ۾ 9 کان 262 سيڪڙو تائين اضافو ڪرڻ لاءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي تياري آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، جن 94 دوائن جي قيمتن ۾ واڌاري جي ڪابينا منظوري ڏني آهي انهن ۾ بخار، مٿي جي سور، دل جي مرض، مليريا، شگر، ڳلي جي خارش، زڪام، پيٽ جي سور، اکين ۽ ڪنن جا ڊراپس، ڏندن ۽ رت جي انفيڪشن جي دوائن، چمڙي، عورتن جي ويم دوران استعمال ٿيندڙ دوائون به شامل آهن، جن دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جي منظوري ڪابينا ڏنيون آهن انهن ۾ 26 امپورٽيڊ دوائون به شامل آهن، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ بعد دوائن جون ڪمپيون جون 2021 تائين انهن قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري سگهنديون، هوڏانهن وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪو زندگي بچائڻ جي دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو ذڪر ٿي رهيو آهي، اهي پراڻي فارمولي واريون دوائون آهن، انهن جي قيمتن ۾ مناسب تبديلي نه اچڻ ڪري اهي مارڪيٽ مان گم ٿي وڃن ٿيون ۽ نتيجي ۾ اهي دوائون بليڪ تي وڪرو ٿين ٿيون، ضروري هو ته قيمتون اهڙيون هجن، جيڪي سڀني جي پهچ ۾ هجن ۽ ماڻهن کي اهي دوائون آساني سان ملي به سگهن، حڪومت ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪم دوائن جي دستيابي کي يقيني بنائڻ آهي، مارڪيٽ مان اڻ لڀ دوائن جي قيمتن ۾ ٿوري اضافي جي ضرورت هئي، دوائن جي قيمتن ۾ ايتري اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي ته جيئن ماڻهن تائين پهچي سگهن، هن چيو ته اسان دوا ڪمپنين جي دٻاءَ ۾ نه آيا آهيون، هڪ نئين دوائن جي پاليسي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، صحت جي تمام ادارن ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، جن دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي، انهن جي لسٽ ويب سائيٽ تي ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔