برطانوي شهري جي پراڻي ٽي وي سڄي علائقي جو انٽرنيٽ بند ڪري ڇڏيو

لنڊن: برطانيه مان هڪ حيرت ۾ وجهندڙ خبر سامهون آئي آهي جتي هڪ ڳوٺ ۾ 18 مهينن تائين جاري رهندڙ انٽرنيٽ جي مسئلي جو آخرڪار انجنيئرن حل ڳولي ورتو آهي.برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هن ڳوٺ ۾ گذريل 18 مهينن کان صبح جو 7 وڳي کان انٽرنيٽ جي اسپيڊ گهٽ ٿي ويندي هئي جنهن سان ماڻهن کي آن لائن اچڻ ۾ ڪافي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو هو. انجنيئرن ڳوٺ جون تارون به بدلي ڪيون پر مسئلي جو حل نه نڪري سگهيو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ مانيٽرنگ ڊيوائس لڳائي ڇڏي. ۽ مسئلي جي جڙ تائين پهچي ويا.انجنيئرن کي خبر پئي ته مسئلو اصل ۾ علائقي جي رهواسي جي پراڻي ٽي وي کي آن ڪرڻ ۽ پيدا ٿيندڙ برقي شعاعن جي مداخلت سان ٿيندو آهي. ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني موجب ٽي وي جو مالڪ پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نٿو ڪرڻ چاهي. هن کي اها خبر پئي ته هو ڪافي شرمنده ٿيو ۽ جنهن کان پوءِ هو پنهنجي پراڻي ٽي وي کي ٻيهر استعمال نه ڪرڻ تي به راضي ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔