ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 8 جانيون ڳڙڪائي ويو

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 8 جانيون ڳڙڪائي ويو،جنهن بعد فوتين جو تعداد 6 هزار 432 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 532 شهرين ۾ ڪرونا جي تصديق ڪئي وئي. رپورٽس مطابق هينئر تائين 3 لک 7 هزار 418 شهري ڪرونا جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ متاثرن جو تعداد هڪ لک 34 هزار 437 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق پنجاب ۾ 98 هزار 602 ۽ ڪي پي ۾ 37 هزار 418 شهري متاثر ٿيا آهن. رپورٽس مطابق اسلام آباد ۾ 16 هزار 246، بلوچستان ۾ 14 هزار 607 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 566 متاثر ٿيا آهن،جڏهن ته 2 لک 93 هزار 916 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔