شهباز ۽ نوازشريف وچ ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف ناهن، مريم نواز ترديد ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻ مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف ۽ نوازشريف وچ ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف نه آهن. مان اهڙين ڳالهين جي سختي سان ترديد ڪريان ٿي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز  نوازشريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ ڪنهن به قسم جي اختلافن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته هڪ هئاسين، هڪ  آهيون ۽ هميشه هڪ ئي رهنداسين. انشاءَالله اسان کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ئي ٽٽي ويندا. اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو آيا ۽ ويا.

ان کان اڳ مريم نواز شهباز شريف کي سالگره جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته شهباز شريف قوم جي خدمت لاءِ بي غرض ۽ اڻٿڪ محنت ڪئي. شهباز شريف سياسي ۽ ذاتي انتقام جي باوجود ڀاءُ کان بنا ڪنهن ڊپ جي وفاداري نڀائي ۽ هو منهنجي لاءِ به  ٻئي پيءُ جيتري حيثيت رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔