سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار جاري، شهرين جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ اڻ اعلانيل ۽ لوڊشيڊنگ جو آزار جاري آهي ، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ عذاب بڻائي ڇڏيو، ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، ايف بي ايريا، گڏاپ، ماڊل ڪالوني، گلشن معمار، قائد آباد، بلديه، لانڍي، ڊفينس، گلشن اقبال ۽ ٻين علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب معمول جو ڪاروهنوار متاثر رهيو ، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا طرفان گئس جي کوٽ جي بهاني سان 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ جاري آهي ، ايس ايس جي سي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي گهربل 200 ايم ايم سِي ايف ڊِي گئس مهيا ڪئي پئي وڃي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، ميرپور خاص، نوشهروفيروز، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ به لوڊشيڊنگ سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو، ننڍن وڏن شهرن ۾ 8 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔