لاهور موٽر وي واقعي سبب سڀني جو ڌيان ڪراچي تان هٽجي ويو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي : پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان ائين لڳي رهيو هو ته ڪراچي جا سمورا مسئلا حل ٿي ويا پر لاهور موٽر وي واقعي سبب سڀني جو ڌيان ڪراچي تان هٽجي ويو، ڪراچي جي روڊ رستا تباهه آهن ۽ شهر جي ڪيترن ئي مارڪيٽس ۾ پاڻي بيٺل آهي، ڪراچي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ شهر هجڻ باوجود انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، سنڌ حڪومت کان اڳ ئي مايوس آهيون، چيف جسٽس نوٽيس وٺي شهر جا مسئلا حل ڪرائي. پاڪستان هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي سڀني کان وڌيڪ تيڪس ادا ڪندڙ شهر هوندي به انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي. مصطفيءِ ڪمال چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان ائين لڳي رهيو هو ته ڪراچي جا سمورا مسئلا حل ٿي ويا پر لاهور موٽر وي واقعي سبب سڀني جو ڌيان ڪراچي تان هٽجي ويو. پي ايس پي سربراهه چيو ته ، ڪراچي جا روڊ رستا تباهه آهن ۽ شهر جي ڪيترن ئي مارڪيٽس ۾ پاڻي بيٺل آهي، ڪراچي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ شهر هجڻ باوجود انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، سنڌ حڪومت کان اڳ ئي مايوس آهيون، چيف جسٽس نوٽيس وٺي شهر جا مسئلا حل ڪرائي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔