سياري ۾ وڏي پئماني تي گئس کوٽ جو خدشو

ڪراچي: سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) سياري ۾ وڌي پئماني تي گئس کوٽ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
سوئي سدرن جي پڌرائيءُ موجب سياري جي مند ۾ 30 ڪروڙ مڪعب فٽ يا 25 سيڪڙو تائين گئس جي کوٽ هوندي ۽ حالتون وڌيڪ ڏکيون هونديون.
گئس ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، في الحال گئس جي گهٽ پريشر جون شڪايتون ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔