ڀارتي فوج ڪشمير ۾ قانوني دائري جي ڀڃڪڙين جو اعتراف ڪري ورتو

نئين دهلي: ڀارتي فوج طرفان هڪ غير معمولي بيان ۾ ڪشمير ۾ قانوني دائري جي ڀڃڪڙين جو اعتراف ڪيو ويو آهي.
ڀارتي فوج جي ترجمان ڪرنل راجيش ڪاليا موجب ٽن مقامي شهرين کي غير قانوني طور قتل ڪري کين پاڪستاني دهشتگرد قرار ڏنو ويو هو.
فوجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هاڻ پوليس اها جاچ ڪري رهي آهي ته ڇا اهي ٽئي ڪشميري واقعي عسڪريت پسندي ۾ ملوث هئا.
بيان موجب انهن ڪشميرين جو واسطو راجوڙي جي علائقي سان هو، جڏهن ته انهن جي وارثن شڪايت داخل ڪرائي هئي ته ٽنهي کي فوجين ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔