ڪورونا وائرس جي باوجود آمريڪي ارب پتي ماڻهن جي ڪمائي ۾ لاڳيتو واڌ

واشنگٽن: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ ڪاروبار سخت متاثر ٿيڻ جي باوجود آمريڪا ۾ ارب پتي ماڻهن جي ڪمائي جو سلسلو جاري آهي.ارب پتي ماڻهن هلندڙ سال جي ڇهن مهينن دوران 845 ارب ڊالر ڪمائي ورتا. رپورٽ موجب آمريڪا جي ارب پتي ماڻهن جي گڏيل ماليت 29 سيڪڙو نظر آئي آهي. ايمازون جي مالڪ جيف بيزوس 73 ارب ڊالر ۽ ايلون مسڪ 67 ارب ڊالرن جو ڪاروبار ڪيو.ارب پتي شخصيتن جي اثاثن جي گڏيل ماليت 30 کرب ڊالرن مان وڌي 38 کرب ڊالر ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب ٻئي طرف آمريڪا ۾ هڪ ڪروڙ چاليهه لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگاري جي زندگي گذاري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔