وائٽلٽي بلاسٽ ۾ شاهين آفريدي جو وڏو ڪارنامو، 4 بالن تي لاڳيتو 4 شڪار

سائوٿمپٽن: انگلينڊ ۾ جاري وائٽلٽي بلاسٽ ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي 4 بالن تي لاڳيتو 4 وڪيٽون وٺي ڇڏيون.
هيمپشائر ڪائونٽي جي نمائندگي ڪندي شاهين آفريدي مڊل سيڪس خلاف اهو ڪارنامو انجام ڏئي پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري.
سائوٿمپٽن جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ هيمپشائر پهريان کيڏندي مڊل سيڪس کي ڪاميابي لاءِ 142 رنسن جو هدف ڏنو.
جواب ۾ مڊل سسيڪس جا بيٽسمين شاهين آفريدي اڳيان نه بيهي سگهيا ۽ سڄي ٽيم 121 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي چئن اوورن ۾ 19 رنسون ڏئي 6 رانديگرن کي پويلين موٽايو.
ميچ ۾ هيمپشائر 20 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ شاهين آفريدي کي پليئر آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔