ملائيڪا اروڙا ڪرونا وائرس مان صحتياب

ممبئي : بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ملائڪا اروڙا ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي ملائڪا پنهنجي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي ته مان مڪمل طور صحتياب ٿي وئي آهيان ۽ ڪورونا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي ڪمري کان ٻاهر جي دنيا ۾ موٽي آئي آهيان.
اداڪارا پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ لکيو ته معمولي ۽ هلڪي علامتن سان موزي وائرس کي شڪست ڏيڻ تي مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي، مان پنهنجي ڊاڪٽرن، گهر ڀاتين، پاڙيسرين ۽ مداحن جي به ٿورائتي آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔