ڪورونا ويڪسين تيار ٿي وئي ته صرف ڏهن مان هڪ ماڻهو کي ملي سگهندي:سائنسدان

لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ تباهين جو سلسلو جاري آهي ۽ سائنسدانن طرفان ڏينهن رات هڪ ڪري وائرس جي خلاف ويڪسين ٺاهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي حوالي سان ماهرن خبردار ڪيو آهي ته وائرس جي خلاف ڪامياب ويڪسين جيڪڏهن ٺهي به وئي ته 2021 ۾ دنيا جي صرف 10 مان هڪ ماڻهو کي اها ملي سگهندي.ماهرن ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي حوالي سان خبردار ڪرڻ کان پوءِ تجربيڪارن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه ان طرف اشارو ڪري ٿي ته سفري پابنديون ۽ سماجي وٿي جهڙين هدايتن تي سالن تائين عمل ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔