ڀارت ۾ پاڪستاني هندن جو پراسرار قتل، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هندو برادري جو سخت احتجاج

ڪراچي: بدين ۽ سجاول سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هندو تنظيمن 11 پاڪستاني هندن جي قتل جي معاملي تي ڀارت سرڪار خلاف سخت احتجاج ڪيو .

تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڀارتي شهر جوڌ پور ۾ پاڪستان مان ويل ڀيل برادري جي 11 هندن جي قتل جو پراسرار واقعو آڏو آيو هو ، جنهن جي جاچ ۾ شفافيت جو فقدان آهي .

ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو هو ، بعد ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل جو جاچ جو مطالبو سامهون آيو .

هاڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مودي سرڪار۽ آرايس ايس خلاف احتجاج ڪيو ويو ،احتجاج ڪندڙن ڀارتي جهنڊي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ نريندر مودي خلاف به نعرا هنيا .

احتجاج ڪندڙن جو اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن ان ڏس ۾ شفاف جاچ نه ڪئي وئي ته ٻن ڏينهن کانپوءِ هو اسلام آباد ۾ ڀارتي سفارت خاني جي سامهون احتجاج ڪندا .

ياد رهي ته ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ 9 آگسٽ تي پاڪستان مان ويل يارهن هندو مشڪوڪ طور تي قتل ڪيا ويا هئا ، ان جي قاتلن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جي ڏس ۾ هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي سامهون نه اچي سگهي آهي ،جڏهن ته ڀارتي سرڪار روايتي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي نظر اچي رهي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔