چين تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين نومبر ۾ عوام آڏو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

بيجنگ: چين ۾ تيار ٿيندڙ 4 مان هڪ ڪورونا ويڪسين نومبر ۾ عوام آڏو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي اداري(سينٽر فار ڊيزز ڪنٽرول اينڊ پري ونٽيشن دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي تيار ڪيل 4 ويڪسين جو ڪلينڪل ٽرائل آخري مرحلي ۾ آهي. جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هلندڙ سال نومبر ۾ عوام کي ملي سگهندي.هلندڙ مهيني بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽريڊ فيئر ۾ چيني ڪمپني ڪورونا ويڪسين جي رونمائي به ڪئي هئي. سي ڊي سي جي سربراهه سرڪاري ميڊيا تي پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته چين ۾ 4 ڪورونا ويڪسين تي ڪم جاري آهي. جن مان 3 ويڪسين کي جولاءِ ۾ ئي فرنٽ لائن طبي عملي استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي وئي هئي جنهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔