حڪومت جو اڄ کان 30 سيپٽمبر تائين پاڪ چين سرحد کولڻ جو فيصلو

ڪراچي: حڪومت پاران اڄ کان 30 سيپٽمبر تائين پاڪ چين سرحد کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، پاڪ چين بارڊر رڳو واپاري مقصدن لاءِ کوليو ويندو . ان ڏس ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو پڻ چيو ويو آهي .

ان حوالي سان جاري نوٽيفيڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرحد تي سياحت جي حوالي سان پابندي برقرار رهندي ،واپار کان سواءِ ٻئي ڪنهن به مقصد سان اچ وڃ جي اجازت نه ڏني ويندي .

واپاري اڄ وڃ دوران به ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔