جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير تي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اهو ته اسان چونداسين: منير اڪرم

اسلام آباد: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منيراڪرم جو چوڻ آهي اميد آهي ته وزيراعظم جي تقرير ۾ ڪشمير جو موضوع شامل هوندو ۽ اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي تي جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو اهو ته اسان چونداسين.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته جنرل اسيمبليءَ جي ايوان جو سيشن هائبرڊ هوندو، ڪجهه مانهو اسيمبلي ۾ موجود هوندا ۽ ڪجهه ورچوئل شرڪت ڪندا، ورچوئل جي ڪري 140 ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا.

هن چيو ته جنرل اسيمبلي جي فيصلا سازي هڪ طرف آهي جيڪا ملڪن جي اعلي سطحي سربراهن جي انٽريڪٽو ڊپلوميسي هوندي هئي اها نه ٿيندي، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ سربراهن کي 14 ڏينهن قرنطينه ۾ رهڻو پوندو، منهنجي خيال ۾ ڪي ٿورا ماڻهو اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

منير اڪرم جو چوڻ آهي اميد آهي ته وزيراعظم جي تقرير ۾ ڪشمير جو موضوع شامل هوندو، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي تي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اهو ته اسان چونداسين، ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ اسان جي اويلتن ۾ شامل آهي، ٻين فرمن تي به ان مسئلي تي ڳالهائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔