ڀارتي فيشن ڊزائينر پراسرار طور تي فوت

ڪلڪتو: ڀارتي فيشن ڊزائينرشوبري دته گذريل رات پنهنجي گهر اندر مرده حالت ۾ هٿ آئي.
ڀارتي ميڊيا موجب 63 سالن جي فيشن ڊزائينر شوبري دته ڪلڪته ۾ اڪلي رهندي هئي جيڪا گذريل رات سندس گهر اندر مرده حالت ۾ هٿ آئي.
ڀارتي ميڊيا موجب فيشن ڊزائينر شوبري دته جي خانداني ذريعن موت جو سبب دل جو دورو ڄاڻايو آهي باقي ان سلسلي ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽ اڃان باقي آهي.
بنگالي شاعر اجت دته جي ڌيءَ شوبري دته ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ئي فيشن جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ خوب نالو ڪمايو.
63 سالن جي ڀارتي فيشن ڊزائينر شوبري دته کي ”شنيا“ نالي برانڊ آهي جنهن جا رياست ڪولڪته ۾ ڪيترائي آؤليٽس آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔