مريم نواز طرفان اپوزيشن جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز طرفان اپوزيشن جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي سربراهي ۾ نواز ليگ جو 7 رُڪني وفد اي پي سي ۾ شرڪت ڪندو، ليگي وفد ۾ شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف، اياز صادق، احسن اقبال، مريم اورنگزيب ۽ امير مقام شامل، ذريعن جو چوڻ آهي ته ليگي قيادت طرفان اي پي سي ۾ شرڪت جي حوالي سان رهبر ڪميٽي جي اجلاس ۾ آگاهي ڏني ويندي، پي ٽي آءِ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن جي اي پي سي 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ زرداري هائوس تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔