سي سي پي او لاهور شيخ عمر موٽر وي واقعي متعلق تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي

لاهور: سي سي پي او لاهور شيخ عمر موٽر وي واقعي متعلق تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي، 9 سيپٽمبر تي لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي گجرپوره جي ويجهو ٻن جوابدارن هڪ عورت کي گاڏي مان لاهي ٻارن سامهون جهنگ ۾ کڻي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ان موقعي تي سي سي پي او لاهور عمر شيخ بيان ڏيندي چيو هو ته عورت کي موٽر وي تي چڙهڻ کان پهريان پيٽرول چيڪ ڪرڻ گهرجي ها ۽ رات جي وقت بغير ڪنهن مرد جي سفر نه ڪرڻ گهرجي ها، سي سي پي او لاهور عمر شيخ کي ان بيان تي شديد تقنيد جو نشانو بڻايو ويو، عوام ۽ سياستدانن جي طرفان عمر شيخ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس قاسم خان به سي سي پي او جي بيان تي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، جڏهن ته هاڻ سي سي پي او لاهور عمر شيخ پنهنجي تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي آهي.عمر شيخ گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ ملاقات ۾ چيو ته منهنجي بيان تي ڪنهن جي دل آزاد ٿي آهي ته معافي گهران ٿو، هن چيو ته پنهنجي ڀائرن، ڀينرن ۽ سوسائٽي کان معافي گهران ٿو، منهنجو ڪو به غلط مطلب يا تاثر نه هو، جنهن عورت سان زيادتي ٿي ان کان به معافي گهران ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔