خبر ناهي موٽروي لڄالٽ ڪيس جي جاچ ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور :خبر ناهي موٽروي لڄالٽ ڪيس جي جاچ ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي، سي سي پي او لاهور جي بيان تي سموري ڪابينا کي معافي وٺڻ گهرجي، حڪومت چاهي ته قانون موجب عدالتي جاچ ڪرائي سگهي ٿي، لاهور هاءِ ڪورٽ جا موٽروي تي عورت سان لڄالٽ واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، جسٽس قاسم خان درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته رڳو خبر لاءِ درخواستون داخل نه ڪرايو، قانون پڙهو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏيون، عدالت سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سي سي پي او مظلوم عورت کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي، ڪيترن ئي وزيرن عجيب بيان ڏنا، اها ڪهڙي قسم جي جاچ آهي، لڄالٽ واقعي تي سخت ايڪشن کڻڻ گهرجي ها ته جيئن قوم جي نياڻين جو حوصلو وڌي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔