لاهور ۾ موٽروي زيادتي ڪيس ۾ گرفتاري ڏيندڙ وقار الحسن کي متاثرعورت سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور : لاهور ۾ موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ گرفتاري ڏيندڙ وقار الحسن کي متاثر عورت سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب جوابدار وقار الحسن جي تصوير متاثره عورت کي واٽس ايپ جي ذريعي موڪلي وئي هئي، پر عورت جوابدار جي سڃاڻپ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ پاڻ گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدار وقار الحسن هڪ ٻيو اهم انڪشاف ڪيو آهي، وقار الحسن دوران جاچ پوليس کي ٻڌايو ته ڪيس جو مرڪزي جوابدار عابد هڪ عرصي کان شفقت نالي شخص سان گڏ وارداتون ڪري رهيو هو، شفقت بهاولنگر جو رهواسي ۽ عابد جو دوست آهي، پوليس شفقت جي گرفتاري جي لاءِ ٽيمون بهاولنگر ۽ شيخوپوره روانيون ڪري ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔