پنجاب جي عوام جي خدمت ڪئي، حڪومت کي انتقام کان سواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي: شهباز شريف

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف  عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته مون پنجاب جي عوام جي خدمت ڪئي. حڪومت کي انتقام کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه پيو اچي. حڪومت صرف ۽ صرف انتقام جو نشانو بنائي رهي آهي. حمزه به هن حڪومت جي ظلم جو شڪار ٿيو آهي. الله تعاليٰ حمزه شهباز سميت ڪورونا جي سمورن مريضن کي صحت ڏئي.

مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف مني لانڊرنگ ريفرنس جي شروعاتي مرحلي ۾ گهر ڀاتين کي طلب نه ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جيل جي ڊاڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته حمزه شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار آهي جنهن سبب ان کي پيش نه ڪيو ويو. جيل جي ڊاڪٽر حمزه شهباز جون رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون.

عدالت حمزه شهباز جي ميڊيڪل رپورٽن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني. شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز جي ذريعي عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته گهر ڀاتين کي شروعاتي مرحلي ۾ طلب نه ڪيو وڃي. جنهن تي فاضل جج چيو ته قانون موجب شريڪ جوابدارن کي پيش ٿيڻو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔