موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: موسميات کاتي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به کنوڻ  سان برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ برسات وسائيندڙ سسٽم اڃان تائين موجود آهي پر ڪراچي ۾ برسات پوڻ جا امڪان انتهائي گهٽ آهن پر ڪجهه هنڌن تي  بوندا باندي پئجي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بند ٿيڻ سبب گرمي ۾ واڌ ٿي وئي آهي. جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 73 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ اڄ  وڌ کان وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي. چوماسي جي هوائن سبب برساتن جو ڪمزور سلسلو 15 سيپٽمبر تائين سنڌ کي متاثر ڪري سگهي ٿو. جنهن کان پوءِ 19 کان 21 سيپٽمبر تائين سنڌ ۾ چوماسي جي هڪ ٻئي سلسلي جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب مٿانهين خيبرپختونخواهه، مٿانهين سنڌ ۽ مڪران ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته پنجاب جي  مختلف علاقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. سنڌ جي ضلعي سکر، شهيد بينظير آباد، اسلام ڪوٽ، مٺي، ننگرپارڪر، ٿرپارڪر ۽ ڀرپاسي ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

خيبرپختونخواهه جي علائقي مالاڪنڊ، سوات، شانگلا ۽ دير سميت ٻين ضلعن ۾ به کنوڻ سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي. پر ان جي سامونڊي پٽي تي موسم جهڙالو رهندو ۽ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جهڙالو رهندو.

گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهيو. پر سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ کنوڻ سان گڏ تيز برسات پئي. عمرڪوٽ ۾ تيز برسات سبب شهري خوف حراس ۾ مبتلا آهن. جتي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. برسات سبب ٻوڏ متاثرين جي پريشانين ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

آچر تي سنڌ جي ضلعن ٺٽي ۽ ڇور ۾ 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن  سڀني کان وڌيڪ گرمي تربت ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ، سبي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ، بهاولنگر، اوڪاڙه، بهاولپور ۽ نور پور تهل ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔