ڪورونا ويڪسين ٺاهيو نه ته جواني گذري ويندي: ملائڪا جو قرنطينه مان پيغام

ممبئي: ڪورونا وائرس جو شڪار بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا جلد ويڪسين ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ناليواري اداڪارا ملائڪا اروڙا ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ اڄڪلهه اڪيلائيءَ ۾ وقت گذاري رهي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچڻ تائين گهر ۾ ئي رهنديس ۽ ڪنهن سان به نه ملنديس.
قرنطينه ۾ ڪجهه ڏينهن مس گذاريندڙ ملائڪا اروڙا بوريت جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ هن سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته ”ڪورونا ويڪسين ٺاهيو نه ته جواني گذري ويندي“.
جيتوڻيڪ ملائڪا اروڙا پنهنجي پوسٽ ۾ مزاحيا ايموجيز به شامل ڪيا آهن پر حقيقت اها آ ته سڀ ڪو ڪورونا ويڪسين جي تياريءَ جو منتظر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔