جاپان جي نومي اوساڪا يو ايس اوپن جو ٽائيٽل کٽي ورتو

نيو يارڪ: جاپاني ٽينس اسٽار نومي اوساڪا يو ايس اوپن جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
22 ورهين جي اوساڪا يو ايس اوپن جي عورتن جي فائنل ۾ وڪٽوريا آرازانڪا کي6-1، 3-6 ۽ 3-6 تان هارائي ٽيون ڀيرو گرينڊ سلم ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي ماڻڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
اڳ کان اڳ اوساڪا 2018 ۾ يو ايس اوپن، جڏهن ته 2019 ۾ آسٽريلوي اوپن جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔