آمريڪا ۾ ٻيلن کي باهه، فوتين جو انگ 30 ٿي ويو، ڪيترائي گم

واشنگٽن : آمريڪا جي اولهندي سامونڊي علائقن ۾ ٻيلن کي لڳل باهه جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 30 تائين پهچي ويو آهي.
اختيارين کي خدشو آهي ته فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو، ڇو ته هيل تائين ڪيترائي ماڻهو گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.
هوڏانهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ اهڙيون پوسٽون هٽائي ڇڏيون آهن، جن ۾ ان باهه جي سببن بابت غلط ڄاڻ پکيڙي پئي وئي.
واضح رهي ته ڪيليفورنيا رياست ۾ هلندڙ سال جي شروعات کان هيل تائين ٻيلن کي لڳندڙ باهه جي مختلف واقعن ۾ 13000 مربع ڪلو ميٽر جي ايراضي سڙي چڪي آهي.
اها ايراضي گذريل سال لڳندڙ باهه جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔