ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ: نينگري شهيد، چار ڄڻا زخمي

راولپنڊي: ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول(ايل او سي)  تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب 11 ساله نينگري شهيد  ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج رکهه چڪري سيڪٽر ۾ سويلين آبادي کي نشانو بنايو. ڀارتي فوج آٽوميٽڪ ۽ هيوي مارٽر گولن سان شهري آبادي کي نشانو بنايو.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 11 ساله نينگري شهيد جڏهن ته 75 سالن جي عورت ۽ 2 ٻارن سميت 4 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني فوج ڀارتي  پوسٽن مٿان جوابي ڪارروائي ڪندي دشمنن جي توبن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ڀارتي فوج ايل او سي بيدوري سيڪٽر ۾ فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته ان کان اڳ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔