احتساب عدالت احد چيمه سوڌو 10 جوابدارن کي ايل ڊي اي سٽي ڪرپشن ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو

لاهور : اڳوڻي ڊي جي لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي احد چيمه ايل ڊي اي سٽي ڪيس مان بري ٿي ويو، احتساب عدالت احد چيمه سوڌو 10 جوابدارن کي ايل ڊي اي سٽي ڪرپشن ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جوابدارن خلاف جاچ بند ڪرڻ جي به درخواست منظور ڪئي وئي آهي، احتساب عدالت جي جج جواد الحسن نيب جي انويسٽيشن بند ڪرڻ جي درخواست به منظور ڪري ورتي آهي، نيب احد خان چيمه سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ايل ڊي اي سٽي ڪيس ۾ جاچ بند ڪرڻ جي استدعا ڪڳئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔