افغان مسئلي جو حل طاقت جي ذريعي ممڪن ناهي: شاهه محمود قريشي

دوها : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان مسئلي جو حل طاقت جي ذريعي ممڪن ناهي، سموري دنيا پاڪستان جي موقف کي مڃي ٿي ، پاڪستان ،افغانستان ۾ امن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.ويڊيو لنڪ ذريعي بين الافغان ڳالهين بابت اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهيون افغان امن لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون، افغان قيادت ڳالهين جي ذريعي امن قائم ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪري.هن چيو ته اسان افغان امن عمل ۾ سرچاءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو،عالمي برادري کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته افغانستان جي مستقبل جو فيصلو افغان عوام کي ڪرڻو آهي،افغانستان ۾ امن اسان سڀني جي خواهش آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔