ڪورونا وائرس جي بحران مان نڪري چڪا آهيون: حفيظ شيخ

ڪراچي : ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت معاشي بحالي لاءِ سخت فيصلا ڪيا، خرچ گهٽائڻ لاءِ پگهارن ۾ واڌ نه ڪئي ۽ حڪومتي خرچ گهٽائي 5 هزار ارب رپين جي بچت ڪئي، معاشي ترقي لاءِ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، گذريل سال حڪومت ڪا به ضمني گرانٽ نه ڏني، حڪومت پٺتي پيل علائقن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي حفيظ شيخ چيو ته حڪومت معاشي بحالي لاءِ سخت فيصلا ڪيا آهن، خرچ گهٽائڻ لاءِ پگهارن ۾ واڌ نه ڪئي ۽ حڪومتي خرچ گهٽائي 5 هزار ارب رپين جي بچت ڪئي.حفيظ شيخ چيو ته معاشي ترقي لاءِ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، گذريل سال حڪومت ڪا به ضمني گرانٽ نه ڏني، حڪومت پٺتي پيل علائقن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.ناڻي واري صلاحڪار چيو ته حڪومت جي احساس پروگرام جي دنيا واکاڻ ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔