ڊاڪٽر عاصم ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف دهشتگردن جي علاج واري ڪيس جي ٻڌڻي

ڪراچي : ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضياءُ الدين اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف دهشتگردن جي علاج واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسپتال جي اڳوڻي ڊپٽي ميڊيڪل ڊائريڪٽر ۽ ڪيس جي اهم شاهد بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته اسپتال ۾ ڪي ڪي ايف ۽ مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جو علاج ڪيو ويندو هو، ڪارڪنن جي علاج لاءِ سياسي ليڊر فون به ڪندا هئا .ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضياءُ الدين اسپتال ۾ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين، ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ۽ بيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس جي اهم شاهد ۽ ضياءُ الدين اسپتالي جي اڳوني ڊپٽي ميڊيڪل ڊائريڪٽر عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.شاهد پنهنجي بيان ۾ چيو ته ضياءُ الدين اسپتال ۾ سياسي ڪارڪنن جو علاج ڪويويندو هو، سياسي پارٽين جا ليڊر ڪارڪنن جي علاج لاءِ فون به ڪندا هئا ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي چوڻ تي ضرورتمند مريضن جو مفت ۾ علاج به ڪيو ويندو هو.عدالت ٻين شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔