ملڪ ۾ عدالتن کان وٺي ججز تائين سڀئي يرغمال آهن: راڻا ثناءُ الله

لاهور : ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالتن کان وٺي ججن تائين سڀ يرغمال آهن،جيڪي جج اسان جا ڪيس ٻڌن ٿا انهن جي فيمليز جي نگراني ڪئي پئي وڃي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نيب چيئرمين کان وٺي ان جي اسسٽنٽ تائين سڀ يرغمال آهن.ن ليگ ليگ اڳواڻ چيو ته لاهور ۾ عورت سان زيادتي کانپوءِ سي سي پي او جي روئي مان انصاف جي اميد ناهي.هن چيو ته لاهور جي اوڀرندي باءِ پاس کي کلئي 6 مهينا گذري چڪا آهن،پر هينئر تائين موٽر وي پوليس ڇو مقرر نه ڪئي وئي آهي؟.راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جيڪي پوليس سڌارا ڪيا،ان جو ڏهه سيڪڙو به موجود ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔