ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 3 حياتيون ڳڙڪائي ويو، 584 نوان ڪيس به رپورٽ

اسلام آباد : ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وڌيڪ ٽي جانيون ڳڙڪائي ويو،فوتين جو تعداد 6 هزار 373 ٿي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ وڌيڪ 584 ڪرونا جا نوان ڪيسز سامهون اچي ويا. پاڪستان ۾ هينئر تائين مريضن جو تعداد 3 لک 955 هزار ٿي ويو، جڏهن ته 2لک 88 هزار 536 مريض صحتياب ٿي ويا.رپورٽس مطابق سنڌ ۾ ڪرونا سبب فوتين جو انگ ٻه هزار 440 ٿي ويو، پنجاب ۾ ٻه هزار 215 ۽ ڪي پي ۾ هڪ هزار 256 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق اسلام آباد ۾ 178،بلوچستان ۾ 145،گلگت ۾ 74 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 65 شهري جان جي بازي هارائي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔