سڄي ملڪ ۾ اڄ ميجر عزيز ڀٽي جو 55هون شهادت وارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

لاهور: ڌرتي ماءُ جي بهادت پٽ ميجر راجه عزيز ڀٽي جو 55هون شهادت جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي. ملڪ مٿان پنهنجي جان قربان ڪندڙ هن جانباز 1965ع جي جنگ ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.

1965ع جي  جنگ جو هيرو ۽ ملڪ ۽ قوم جو فخر راجه ميجر عزيز ڀٽي شهيد 1928ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ اک کولي. ان جي والدين جو تعلق گجرات سان هو. ميجز عزيز ڀٽي 1948ع ۾ پهرين لانگ ڪورس ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. جڏهن ته 1950ع ۾ هن اعليٰ ڪارڪردگي تي بهترين ڪيڊٽ جو اعزاز حاصل ڪيو. ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان شهيد عزيز ڀٽي کي اعزاز شمشير سان نوازيو. شهيد عزيز ڀٽي 17 رجمنيٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 1965ع جي جنگ ۾ هن لاهور جي برڪي سيڪٽر ۾ بي آر بي شاخ تي ملڪ جي بچاءُ جا مقدس فرض انجام ڏيڻ شروع ڪيا.

6 سيپٽمبر 1965ع تي شهيد ميجر راجه عزيز ڀٽي طاقت  جي نشي ۾ ٻڏل بزدل دشمن کي اهڙو سبق  سيکاريو جو سڄي دنيا ۾ ان کي ياد رکيو ويندو. ميجر عزيز ڀٽي  دشمنن مٿان هڪ ٻئي پٺيان حملا ڪيا. عزيز ڀٽي پنهنجي ڪمپني سميت 6 ڏينهن ۽ راتيون لاڳيتو دشمن کي نه صرف روڪي رکيو پر کين شڪست به ڏني. ڪمانڊنگ آفيسر ميجر عزيز ڀٽي کي آرام ڪرڻ جو نياپو موڪليو پر هن اهو چئي منع ڪري ڇڏيو ته ملڪ جي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندو رهندس.

12 سيپٽمبر تي دشمن جي هڪ ٽينڪ جو گولو  شهيد ميجر عزيز ڀٽي جي کاٻي ڪلهي تي لڳو جنهن کان پوءِ هن شهادت ماڻي. ياد رهي ته ميجر عزيز ڀٽي اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ شهيد ميجر شبير شريف جو مامو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔