سنٿيارچي ڪيس: ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو فيصلو ڪري ڇڏينداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي ڪيس ۾ عدالت چيو آهي ته ايندڙ تاريخ تي حتمي دليل ٿيندا جنهن کان پوءِ ڪيس جو فيصلو ڪري ڇڏينداسين.

آمريڪي  بلاگر سنٿيا رچي جي رحمان ملڪ جي خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج عطا رباني ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران  رحمان ملڪ جي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ جي آرڊر جي خلاف سپريم ڪورٽ  سان رابطو ڪيو آهي. عدالتي ڪارروائي روڪرائڻ جي لاءِ هاءِ ڪورٽ کان به حڪم امتناع جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي درخواستن تي عدالتن جي آرڊر جو انتظار ڪيو پيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ جي هدايتن موجب ڪيس جو فيصلو 3 هفتن ۾ ڪرڻو آهي. ايندڙ تاريخ تي حتمي دليل  ٿيندا جنهن کان پوءِ ڪيس جو فيصلو ڪري ڇڏينداسين.

جيڪڏهن ڪنهن ڪورٽ جو اسٽي آرڊر آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين جمع ڪرائين. عدالت رحمان ملڪ جي وڪيل طرفان التوا جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني سنٿيا رچي جي خلاف زنا  جي الزام تي داخل قذف ڪمپلينٽ تي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي بريت جي درخواست تي اڄ به دليل نه ٿي سگهيا. ڪمپليننٽ جي وڪيل طرفان بريت جي درخواست جي مخالفت ۾ دليل جي لاءِ مهلت جي استدعا منظور ڪئي وئي. جڏهن ته رحمان ملڪ جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي بريت جي درخواست تي دليل جي هدايت به ڪئي وئي.

سيشن ڪورٽ 5 آگسٽ تي رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست رد ڪئي هئي جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي درخواست تي ٽن هفتن ۾ فيصلي جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔