اڄڪلهه لنڊن ڀڳوڙن ۽ اشتهارين جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي: شيخ رشيد

لاهور: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اڄڪلهه لنڊن ڀڳوڙن ۽ اشتهارين جي آماجگاهه بڻجي ويو آهي، عدالتن کي گهربل سمورن ماڻهن لنڊن ۾ پناهگاهون ٺاهي ڇڏيون آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته هلندڙ سال جي آخر تائين نواز ۽ شين ليگ الڳ ٿي وينديون، شين ليگ سنگتراش ۽ نواز ليگ پٿراءُ واري جماعت هوندي، هاڻي نواز شريف قانون جو احترام ڇو نٿو ڪري ۽ ووٽ کي عزت ڇو نٿو ڏئي، ووٽ ۽ عدليه چيو آهي ته نواز شريف سرينڊر ڪري، سنڌ سرڪار ۽ وفاق ۾ لاڳاپا اڃا وڌيڪ بهتر هجڻ گهرجن، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير موٽري وي واقعي جي مذمت ڪندي متاثر عورت جي باري ۾ سي سي پي او لاهور جي بيان کي غير ذميواراڻو قرار ڏئي ڇڏيو، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سڀ آفيسر ميڊيا تي ڳالهائڻ جي قابل نه هوندا آهن، موٽر وي واقعي تي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي آهي، اُميد ته جوابدار جلد پڪڙ ۾ ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔