تبديلي سرڪار جي حڪومت دوران مهانگائي ۾ لڳاتار واڌ، شرح وڌي 9 ڏهائي 4 سيڪڙو ٿي وئي

اسلام آباد : تبديلي سرڪار جي حڪومت دوران مهانگائي ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، مهانگائي جي شرح وڌي 9 ڏهائي 4 سيڪڙو ٿي وئي، شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران عام واهپي جي 22 ضروري شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، ڪڪڙ 22 رُپيا، مُڱن جي دال 13 رُپيا ۽ دال ماش 7 رُپيا في ڪلو مهانگا، چڻن جي دال جي اگهن ۾ اڍائي رُپيا في ڪلو ۽ اٽي جي 20 ڪلو واري ٿيلهي جي اگهن ۾ 15رُپيا اضافو رڪارڊ، شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران ڳڙ، ماچيس، کير، ڏهي، چانور ۽ گوسٽ به مهانگا ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔