پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز، آل ٽائم ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ 5 قومي بالر شامل

دبئي: قومي ڪرڪيٽرن وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي ۽ آءِ سي سي جي آل ٽائم بالرن جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ٽاپ 10 ۾ 5 پاڪستاني بالر شامل ڪيا ويا آهن.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان بالرن جي ”آل ٽائم لسٽ آف ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ“ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو عمر گل، شاهد آفريدي، سعيد اجمل، عماد وسيم ۽ شاداب خان جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن.
رينڪنگ ۾ عمر گل پهرين، شاهد آفريدي ڇهين، سعيد اجمل اٺين، عماد وسيم نائين، جڏهن ته شاداب خان ڏهين نمبر تي آهي.
ويسٽ انڊيز جي سيموئل بدري رينڪنگ ۾ ٻي، نيوزيلينڊ جي ڊينيئل ويٽوري ٽين، ويسٽ انڊيز جي ئي سنيل نارائڻ چوٿين، افغانستان جي راشد خان پنجين، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي عمران طاهر ستين پوزيشن ماڻي آهي.
دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته آءِ سي سي جي بالرن جي آل ٽائم لسٽ آف ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ٽاپ 10 مان 7 مسلمان بالر شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔