ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ 4 منزلا رهائشي عمارت ڪري پئي

ڪراچي: سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ الله والا ٽائون ۾ جوڙايل 4 منزلا رهائشي عمارت اوچتو ڪري پئي .

ذريعن موجب ڪريل عمارت جي هيٺـان ڪيترن ئي ماڻهن جي دٻجي وڃڻ جا اطلاع آهن.

ريسڪيو جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن جڏهن ته مقامي ماڻهن ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ هيٺ ڪڍڻ جي ڪم ۾ رُڌل آهن .

ٻڌايو پيو وڃي ته ڪريل عمارت جي ڀر واري عمارتن کي به گهڻو نقصان رسيو آهي ،علائقي جي ماڻهن ۾ به خوف به پکڙيل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔