نيب پنهنجي نڪ تي ويٺل مک به نٿو اڏائي سگهي، سڀ ڪجهه مٿان کان ٿي رهيو آهي: رانا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته نيب هن وقت پنهنجي نڪ تي ويٺل مک به نٿو اڏائي سگهي سڀ ڪجهه مٿان کان ٿي رهيو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب ۾ پيش ٿيو. نيب آفيس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته  نيب احتساب جو ادارو نه آهي. ان کي سموريون هدايتون حڪومت ڏيندي آهي ۽ هن اداري کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نيب هن وقت پنهنجي نڪ تي ويٺل مک نٿو اڏائي سگهي. سڀ ڪجهه مٿان کان ٿي رهيو آهي. اپوزيشن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ان لاءِ نوٽيس ڏيڻ نيب جي مجبوري آهي هي هڪ مجبور ادارو بڻجي چڪو آهي.

ليگي اڳواڻ چيو ته بلين ٽري انڪوائري تي ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو ويو. اپوزيشن اڳواڻن کي جاچ دوران ئي گرفتار ڪيو ويندو آهي. انڪوائري جڏهن اپوزيشن جي خلاف ٿيندي آهي ته ڪوبه اصول سامهون نه رکيو ويندو آهي.

رانا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته اسان جو فيصلو آهي ته نوازشريف پنهنجو علاج مڪمل ڪرائي ان کان پوءِ ملڪ واپس ايندو.هو اسان جو اڳواڻ آهي پارٽي ان جي قيادت ۾ متحد آهي. هن چيو ته 20 سيپٽمبر تي اپوزيشن پنهنجو گڏيل لائحه عمل بنائيندي ۽ پنهنجي جدوجهد جي شروعات ڪندي. اپوزيشن جي اي پي سي جيڪو فيصلو ڪندي(ن) ليگ ان جو ساٿ ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔