نينگر پب جي شوق ۾ ڏاڏي لاءِ لکين رپيا چَٽ ڪري ڇڏيا

نئين دهلي : ڀارت ۾ هڪ نينگر جي پب جي گيم کيڏڻ جي شوق ڏاڏي جا لکين رپيا لوڙهي ڇڏيا.
ڀارتي ميڊيا موجب پب جي گيم جي عادي 15 ورهين جي نينگر گيم کيڏڻ خاطر رقم جي ادائيگي لاءِ ڏاڏي جو پينشن اڪائونٽ استعمال ڪيو ۽ اڪائونٽ ۾ موجود پينشن جي رقم 2 لک 34 هزار رپيا گيم لاءِ ڀري ڇڏيا.
دهلي پوليس جي سائبر ڪرائم سيل جو چوڻ هو ته نينگر ڪيتري ئي مهينن کان پب جي گيم کيڏڻ لاءِ پئسو ڀرڻ لاءِ پنهنجي ڏاڏي جي پينشن جو اڪائونٽ استعمال ڪري رهيو هو، جنهن مان هن مسلسل ادائيگيون ڪيون.
دهلي پوليس موجب واقعي جي خبر تڏهن پئي، جڏهن اڪائونٽ هولڊر کي موبائل فون تي اڪائونٽ مان رقم ڪٽجڻ جو ميسيج مليو، جنهن کي اڪائونٽ مان 2500 رپين جي ڪٽوتي جو اطلاع ڏنو ويو ۽ اڪائونٽ ۾ باقي رقم رڳو 275 رپيا هئي.
ميسيج ڏسي اڪائونٽ هولڊر بئنڪ سان رابطو ڪيو ۽ اڪائونٽ ۾ موجود 2 لک 34 هزار رپيا ٽرانسفر ٿيڻ بابت ٻڌايو.
پوليس ٻڌايو ته دانهيندڙ اسان سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته هن پنهنجي اڪائونٽ مان ڪا ٽرانزيڪشن ناهي ڪئي پر جاچ ۾ خبر پئي ته لاڳاپيل اڪائونٽ مان ٻن مهينن اندر 2 لک 34 هزار 297 رپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي آهي، جنهن تي وڌيڪ جاچ ڪئي وئي.
پوليس موجب جاچ سان خبر پئي ته ٽرانزيڪشن 23 ورهين جي پنڪج ڪمار جي هڪ رجسٽرڊ اڪائونٽ ذريعي ڪئي وئي، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو ۽ هن ٻڌايو ته کيس هڪ دوست آءِ ڊي ۽ پاسورڊ ٺاهي رقم ٽرانسفر ڪرڻ جو چيو.
پوليس چيو ته پنڪج ڪمار کان پڇا ڳاڇا ۾ خبر پئي ته ان جو دوست متاثر شخص جو پوٽو آهي، جنهن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ جاچ دوران هن پب جي گيم جي ادائيگي لاءِ ڏاڏي جو اڪائونٽ استعمال ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
پوليس موجب نينگر ٻڌايو ته رقم جي منتقلي کانپوءِ هن پنهنجي ڏاڏي جي موبائل مان بئنڪ مان وصول ٿيندڙ ون ٽائم پاسپورڊ ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو

.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔