چين سان واپار سبب اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي،چين جي معيشت تي نه ڀاڙڻ گهرجي:آمريڪي صدر

نيويارڪ : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۽ چين جي واپار کي ڌار ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته چين سان واپار سبب اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي،تنهن ڪري چين جي معيشت تي نه ڀاڙڻ گهرجي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ چين جي واپار کي الڳ ڪرڻو پوندو، واپار سبب اربين ڊالرن جو نقصان ٿئي پيو، جيڪڏهن آمريڪا چين سان واپار نه ڪري ته نقصان نه ٿيندو. ڊونلڊ ٽرمپ پريس ڪانفرنس دوران دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي اليڪشن تائين منهنجي اڳواڻي ۾ ڪورونا ويڪسين تيار ٿي ويندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ڊيموڪريٽڪ جي صدارتي اميدوار تي سخت تنقيد ڪندي جوبائيڊن کي بيوقوف قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته جوبائيڊن آمريڪا ۽ آمريڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيندو، جوبائيڊن کي گهرجي ته ويڪسين بابت بيان تي معافي گهُري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔