سڄي ملڪ ۾ اڄ سامونڊي فوج جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد : سڄي ملڪ اڄ سامونڊي فوج جو ڏهاڙو نهايت ئي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي تقريب کي خطاب ڪندي نيول چيف ظفر محمود عباسي چيو ته اڄ سامونڊي فوج جي شهيدن ۽ غازين جي قربانين ۽ جذبي کي ساراهڻ جو ڏينهن آهي جڏهن ته اڄ جو ڏينهن اسان کي پنهنجي جوانن جي ڪارنامن ۽ ڪاميابين جي ياد ڏياري ٿو.

هن چيو ته آپريشن دوارڪا اسان جي قومي تاريخ جي عظيم فتح آهي جنهن ۾ سامونڊي فوج ڀارتي بندرگاهه تي حملو ڪري دشمن جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو . سامونڊي فوج جي اڪيلي آبدوز غازي ڀارتي نيوي کي ڀارتي بندرگاهن ۾ ئي قيد رکيو .

سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود چيو ته پاڪستان نيوي خطي ۾ مضبوط بحري قوت طور سڃاتي وڃي ٿي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي سلسلي ۾ اهم ڪردار نڀائڻ لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته سامونڊي فوج جا آفيسر ۽ جوان رت جي آخري ڦڙي تائين مادر وطن جو دفاع ڪندا جڏهن ته ميري ٽائيم سيڪٽر ۽ بليو اڪانومي جا فائدا ملڪ ۽ قوم تائين پهچائڻ لاءِ پر عزم آهي .

سيپٽمبر واري جنگ ۾ سامونڊي فوج جي شاندار ڪارڪردگي جي ياد ۾ هر سال 8 سيپٽمبر کي سامونڊي فوج جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔