سامونڊي فوج خاص ڊاڪيو فلم ”سرخرو“ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سامونڊي فوج سامونڊي فوج جي ڏهاڙي جي موقعي تي خاص ڊاڪيو فلم ”سرخرو“ جاري  ڪري ڇڏي آهي.

سامونڊي فوج جي ترجمان موجب سامونڊي فوج جي ڏهاڙي جي موقعي تي خاص ڊاڪيو فلم سرخرو ريليز ڪري ڇڏي آهي جيڪو ڀارتي آبدوز کي پاڪستاني پاڻين ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪامياب ڪارروائي تي ٻڌل آهي .

ترجمان موجب ڊاڪيو فلم سرخرو بهادر هيروز جي فرضن جي ادائيگي ۾ سرخرو ٿيڻ تي انهن کي خراج تحسين آهي .

واضح رهي ته سامونڊي فوج 4 مارچ 2019 تي ڀارتي سامونڊي فوج جي ڪُڌن ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو هو. ڀارتي سامونڊي فوج جي جارحيت جي اها ناڪام ڪوشش پلواما حملن کانپوءِ پيدا ڪيل ڇڪتاڻ جو تسلسل هئي .

خاص ڊاڪيو فلم ”سرخرو“ جو پرومو ٽي ڏينهن اڳ جاري ڪيو ويو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔