ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد: موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو.

اسلام آباد ۾ موسم خشڪ ۽ ڏينهن جي وقت گرم رهندو. خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. دير، سوات، مالاڪنڊ، مانسهره ۽ ڪرم جي ضلعن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. موسميات کاتي موجب پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ به موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جا امڪان آهن.

سيالڪوٽ، گجرات، نارووال، گوجرانوالا ۽ لاهور ۾ برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ اڄ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪرم ايجنسي جي مختلف هنڌن تي به کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. شڪر ڳڙهه، اسلام آباد، راولپنڊي، آزاد ڪشمير ۽ شانگلا جي مختلف حصن ۾ به تيز طوفان کان  پوءِ تيز برسات پئي. برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

خيبر پختونخواهه جي علائقي باجوڙ ۾ برسات  سان گڏ ڳڙو به پيو. موسميات کاتي گذريل ڏينهن به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو هو، اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو جڏهن ته اسلام آباد ۾ موسم جهڙالو ۽ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.

ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ به ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو. بلوچستان ۽ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي خبر ٻڌائي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔