تعليمي ادارا کولڻ سان ڪورونا وڌيو ته فيصلو تبديل به ٿي سگهي ٿو: سعيد غني

ڪراچي: چئني صوبن جي حڪومتي نمائندن ڪورونا وڌڻ جي صورت ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي فيصلي تي نظر ثاني جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته ايجوڪيشن اسٽيئرنگ  ڪميٽي جي  مشاورت سان سمورا فيصلا ڪيا ويا. تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ پريشاني پيش اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻارن جي اسڪول ٽرانسپورٽ بابت به ايس او پيز طئي ڪيا ويا آهن. پهرين مرحلي ۾ جائزو وٺنداسين ته ننڍيون ڪلاسون کولڻ گهرجن يا نه. سمورن تعليمي ادارن کي کولڻ سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻ مشڪل هوندو. سعيد غني چيو ته تعليمي ادارا کولڻ سان جيڪڏهن ڪورونا وڌيو ته  فيصلو تبديل به ٿي سگهي ٿو.

ان حوالي سان بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي به چيو ته اسڪول کولڻ کان  پوءِ جيڪڏهن ڪورونا جا  ڪيس سامهون آيا ته ان موجب فيصلو ڪرڻو پوندو. اسڪول جي ٻارن کان ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ چيلنج هوندو ۽ پرائمري اسڪولن ۾ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي.

خيبرپختونخواهه جي ثقافت واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو ته اسڪول  کولڻ کان پوءِ اکيون بند نه ڪنداسين نگراني ڪئي ويندي. ٻارن  جو ماسڪ پائڻ لازمي هوندو ۽ اسڪول  ۾ بيمار ٻارن کي اچڻ جي اجازت نه هوندي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي  پنجاب جي تعليم واري وزير چيو ته اسان صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته اسڪول کولڻ گهرجن.  سمورن ادارن سان صلاح مشورا ڪري ايس او پيز طئي ڪئي آهي. اسڪولن ۾ ايس او پيز جي سختي سان نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته اسڪولن ۾ هڪ ڏينهن ۾ 50  سيڪڙو ٻار پڙهائي لاءِ ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔